New Policies And Recruitments for PST And JEST Vacancies
(سنڌ جي تعليم کاتي جي نئين تعليمي پاليسي 2021)
تعليم کاتو سنڌ پاران نوان سروسز رولز متعارف، 15 جنوري 2021 تي نوٽيفائي ڪيل رولز موجب. ھيٺين طرح ڀرتيون يا پروموشن ٿيندا...
1. سينئر پرنسيپل / پروفيسر 20 گريڊ تي سمورا 19 گريڊ لاء پرنسيپل / ايسوسئيٽ پروفيسر پروموٽ ٿي مقرر ٿيندا، جن جي سورس 17 سال ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
2. چيف ھيڊ ماستر گريڊ 20 لا۽ 19 گريڊ مان پروموٽ ٿيندڙ ھيڊ ماستر مقرر ٿيندا جن جي سروس 17 سال ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
3. پرنسيپل /ايسوسيئيٽ پروفيسر 19 گريڊ تي سمورا 18 گريڊ جا سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جن جي گريڊ 17 ۾ 12 سال سروس ھوندي ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
4. سينئر ھيڊ ماستر گريڊ 19 ۾ سمورا 18 گريڊ جا ھيڊ ماستر جن جي گريڊ 17 ۾ 12 سال سروس ھوندي ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
5. سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ 18 ۾ گريڊ 17 مان پروموٽ ٿيندڙ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جن جي گھٽ ۾ گھٽ سروس پنج سال ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
6. ھيڊ ماستر گريڊ 18 ۾ گريڊ 17 مان پروموٽ ٿيندڙ ھيڊ ماستر جن جي گھٽ ۾ گھٽ سروس پنج سال ۽ ٽريننگ لازمي ڪرڻي پوندي.
7. سبجيڪٽ اسپلشلسٽ گريڊ 17 ۾ ڀرتي سڌو سنئون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندي جنھن لا۽ 16 سالا لاڳاپيل مضمون ۾ ماسٽر ڊگري لازمي ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي.
8. ھيڊ ماستر گريڊ 17 ۾ ٻن طريقن سان ڀرتي ٿيندي. %40 سڌو سنئون سڌو سنئون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندي جنھن لا۽ 16 سالا ماسٽر ڊگري ايم ايڊ سان گڏ ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي ۽ ٽي سال تعليمي تجربو ھوندو يا 16 سالا ماسٽر ڊگري بي ايڊ سان گڏ ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي ۽ پنج سال تعليمي تجربو ھوندو يا 16 سالا ماسٽر ڊگري ايسوسيئيٽ ڊگري سان گڏ ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي ۽ ٽي سال تعليمي تجربو ھوندو يا انٽرميڊيٽ ڊگري بي ايڊ سان گڏ ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي ۽ پنج سال تعليمي تجربو ھوندو.
باقي %58 گريڊ 16 جي ھا۽ اسڪول ٽيچر جي پروموشن ذريعي ٿيندي.
9. سيڪنڊري اسڪول ٽيچر گريڊ 16 ۾ 50 سيڪڙو سڌي ڪميشن ذريعي،30 سيڪڙو jest ترقيون ماڻيندا ۽ 20 سيڪڙو PST ترقيون ماڻيندا ـ
10. سينئر ارلي چائلڊ ٽيچر گريڊ 16 ۾ پروموشن ذريعي گريڊ 15 جا ارلي چائلڊ ٽيچر مقرر ٿيندا.
11. ارلي چائلڊ ٽيچر گريڊ 16 ۾ فيميل صرف سڌو سنئون ڀرتي ٿينديون جنھن لا۽ 14 سالا گريجويئٽ ڊگري لازمي ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي.
12. جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر گريڊ 14 ۾ %50 سڌو سنئون ڀرتي ٿينديون جنھن لا۽ 14 سالا گريجويئٽ ڊگري لازمي ۽ عمر 21 کان 30 سال ھجڻ لازمي ھوندي ۽ 50 سيڪڙو pst ترقيون ماڻيندا ـ
13. پرائمري اسڪول ٽيچر گريڊ 9 ۾ سڌو سنئون ڀرتي ٿينديون جنھن لا۽ 14 سالا گريجويئٽ ڊگري سيڪنڊ ڪلاس يا انٽرميڊيٽ بي گريڊ لازمي ۽ عمر 18 کان 28 سال ھجڻ لازمي ھوندي.